سندن ﷺ سواريون
سندن ﷺ جا گهوڙا
پاڻ سڳورن ﷺ وٽ ڏهه گهوڙا هئا، جيتوڻيڪ ان بابت ڪجهه اختلاف آهي:
- السَڪب
- المُرتَجِز
- اللُّزاز
- اللَّحِيف
- الوَرد
- المِرواح
- البَحر
- السَّبحة
- المَندُوب
- اليَعسُوب
سندن ﷺ جا خچر
پاڻ سڳورن ﷺ وٽ هي خچر هئا: دُلدُل، المَيلِيَّة، ۽ هڪ ٻيو جيڪو دومة الجندل مان آيل هو.
سندن ﷺ جا گڏهه
پاڻ سڳورن ﷺ وٽ هڪ گڏهه هو جنهن جو نالو عُفَير هو، ۽ ٻئي جو نالو يَعفُور هو.