پاڻ سڳورن ﷺ جو اولاد
سيده خديجه رضي الله عنها مان پاڻ سڳورن ﷺ جو اولاد
قاسم، عبد الله (جن کي طيب ۽ طاهر به چيو ويندو هو)، زينب، رقيه، ام ڪلثوم ۽ فاطمه، اهي سڀئي سيده خديجه رضي الله عنها مان هئا.
- قاسم رضي الله عنه — جن جي نالي پويان پاڻ سڳورن ﷺ جي ڪنيت ابوالقاسم هئي
- عبد الله رضي الله عنه (الطيب الطاهر)
- زينب رضي الله عنها
- رقيه رضي الله عنها
- ام ڪلثوم رضي الله عنها
- فاطمه الزهراء رضي الله عنها — حسن ۽ حسين جي والده
سيده ماريه قبطيه رضي الله عنها مان پاڻ سڳورن ﷺ جو اولاد
مديني ۾ پاڻ سڳورن ﷺ کي ماريه قبطيه مان ابراهيم پيدا ٿيو. فاطمه رضي الله عنها کان سواءِ سندن سڀ اولاد سندن حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا. فاطمه رضي الله عنها سندن وفات کان ڇهه مهينا پوءِ وفات ڪئي، صحيح قول موجب.