القسم الثاني: أحكام العبادات

حصو ٻيو: عبادتن جا احڪام

الباب الأول: الطهارة

باب پهريون: طهارت

قال رسول الله ﷺ «لَا تُزْرِمُوهُ.. دَعُوهُ» قاله ﷺ للصحابة بشأن أعرابي بال في ناحية المسجد ثم دعاه وقال له «إِنَّ هَذِهِ الْمَسَاجِدَ لَا تَصْلُحُ لِشَيْءٍ مِنْ هَذَا الْبَوْلِ وَلَا الْقَذَرِ، إِنَّمَا هِيَ لِذِكْرِ اللهِ عَزَّ وَجَلَّ، وَالصَّلَاةِ وَقِرَاءَةِ الْقُرْآنِ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”هن کي نه روڪيو... هن کي ڇڏي ڏيو.“ هي ڳالهه پاڻ ﷺ صحابين کي هڪ ڳوٺاڻي جي باري ۾ فرمائي جنهن مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ پيشاب ڪيو هو. پوءِ ان کي گهرائي فرمايائون: ”بيشڪ اهي مسجدون هن قسم جي پيشاب ۽ گندگي لاءِ نه آهن، اهي ته صرف الله عز و جل جي ذڪر، نماز ۽ قرآن پڙهڻ لاءِ آهن.“

الباب الثاني: الصلاة والمساجد

ٻيو باب: نماز ۽ مسجدون

«مَنْ تَطَهَّرَ فِي بَيْتِهِ ثُمَّ مَشَى إِلَى بَيْتٍ مِنْ بُيُوتِ الله لِيَقْضِيَ فَرِيضَةً مِنْ فَرَائِضِ الله كَانَتْ خَطْوَتَاهُ إِحْدَاهُمَا تَحُطُّ خَطِيئَةً وَالأُخْرَى تَرْفَعُ دَرَجَةً».

”جيڪو شخص پنهنجي گهر ۾ طهارت (پاڪائي) حاصل ڪري، پوءِ الله جي گهرن مان ڪنهن گهر (مسجد) ڏانهن الله جي فرضن مان ڪو فرض ادا ڪرڻ لاءِ پنڌ ڪري ٿو، ته ان جي قدمن مان هڪ قدم گناهه مٽائي ٿو ۽ ٻيو قدم درجو بلند ڪري ٿو.“

الباب الثالث: الزكاة والصدقات

ٽيون باب: زڪاة ۽ صدقات

قال رسول الله ﷺ «تَبَسُّمُكَ فِي وَجْهِ أَخِيكَ لَكَ صَدَقَةٌ، وَأَمْرُكَ بِالْمَعْرُوفِ وَنَهْيُكَ عَنِ الْمُنْكَرِ صَدَقَةٌ، وَإِرْشَادُكَ الرَّجُلَ فِي أَرْضِ الضَّلَالِ لَكَ صَدَقَةٌ، وَإِمَاطَتُكَ الْحَجَرَ وَالشَّوْكَةَ وَالْعَظْمَ عَنِ الطَّرِيقِ لَكَ صَدَقَةٌ، وَإِفْرَاغُكَ مِنْ دَلْوِكَ فِي دَلْوِ أَخِيكَ لَكَ صَدَقَةٌ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”پنهنجي ڀاءُ جي سامهون تنهنجو مسڪرائڻ به صدقو آهي، نيڪي جو حڪم ڪرڻ ۽ برائي کان روڪڻ به صدقو آهي، ڪنهن گمراهه شخص کي رستو ڏيکارڻ به صدقو آهي، رستي تان پٿر، ڪنڊو ۽ هڏي هٽائڻ به صدقو آهي ۽ پنهنجي ڏول مان پنهنجي ڀاءُ جي ڏول ۾ پاڻي وجهڻ به صدقو آهي.“

قال رسول الله ﷺ «أَنْفِقِي وَلا تُحْصِي فَيُحْصِي اللهُ عَلَيْكِ، ولَا تُوعِي فَيُوعِي اللهُ عَلَيْكِ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”خرچ ڪر ۽ ڳڻپ نه ڪر، نه ته الله به توکي ڳڻي ڳڻي ڏيندو، ۽ (مال) بچائي نه رک، نه ته الله به توکان (پنهنجو فضل) روڪي ڇڏيندو.“

قال رسول الله ﷺ «مَنْ سَأَلَ النَّاسَ أَمْوَالَهُمْ تَكَثُّرًا فَإِنَّمَا يَسْأَلُ جَمْرًا فَلْيَسْتَقِلَّ أَوْ لِيَسْتَكْثِرْ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”جيڪو شخص پنهنجو مال وڌائڻ لاءِ ماڻهن کان سوال ڪري ٿو، اهو حقيقت ۾ باهه جو انگارو گهري ٿو، پوءِ چاهي ته اهو گهٽ ڪري يا وڌائي.“

الباب الرابع: الحج والعمرة والزيارة

چوٿون باب: حج، عمرو ۽ زيارت

قال رسول الله ﷺ في خطبة الوداع: «يَا أَيُّهَا النَّاسُ أَيُّ يَوْمٍ هَذَا قَالُوا: يَوْمٌ حَرَامٌ، قَالَ (فَأَيُّ بَلَدٍ هَذَا) قَالُوا بَلَدٌ حَرَامٌ قَالَ (فَأَيُّ شَهْرٍ هَذَا) قَالُوا شَهْرٌ حَرَامٌ قَالَ (فَإِنَّ دِمَاءَكُمْ وَأَمْوَالَكُمْ وَأَعْرَاضَكُمْ عَلَيْكُمْ حَرَامٌ، كَحُرْمَةِ يَوْمِكُمْ هَذَا، فِي بَلَدِكُمْ هَذَا، فِي شَهْرِكُمْ هَذَا، اللَّهُمَّ هَلْ بَلَّغْتُ، اللَّهُمَّ هَلْ بَلَّغْتُ، فَلْيُبَلِّغِ الشَّاهِدُ الْغَائِبَ، لَا تَرْجِعُوا بَعْدِي كُفَّارًا يَضْرِبُ بَعْضُكُمْ رِقَابَ بَعْضٍ».

رسول الله ﷺ خطبة الوداع ۾ فرمايو: ”اي انسانو! هي ڪهڙو ڏينهن آهي؟“ انهن چيو: ”حرمت وارو ڏينهن.“ پاڻ ﷺ فرمايائون: ”پوءِ هي ڪهڙو شهر آهي؟“ انهن چيو: ”حرمت وارو شهر.“ پاڻ ﷺ فرمايائون: ”پوءِ هي ڪهڙو مهينو آهي؟“ انهن چيو: ”حرمت وارو مهينو.“ پاڻ ﷺ فرمايائون: ”پوءِ بيشڪ توهان جا رت، توهان جا مال ۽ توهان جون عزتون هڪ ٻئي تي ائين ئي حرام آهن، جيئن هن مهيني ۾، هن شهر ۾، هن ڏينهن جي حرمت آهي. اي الله! ڇا مون پيغام پهچائي ڇڏيو؟ اي الله! ڇا مون پيغام پهچائي ڇڏيو؟ پوءِ جيڪو حاضر آهي اهو غائب تائين (هي پيغام) پهچائي. منهنجي کانپوءِ ڪافر نه ٿي وڃجو جو هڪ ٻئي جون گردنون ڪاٽڻ لڳو.“

الباب الخامس: الجنائز والوفاة والقبور

باب پنجون: جنازا، وفات ۽ قبرون

قال رسول الله ﷺ «اذْكُرُوا مَحَاسِنَ مَوْتَاكُمْ وَكُفُّوا عَنْ مَسَاوِيهِمْ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”پنهنجن فوت ٿيلن جون خوبيون بيان ڪريو ۽ انهن جي براين (جي ذڪر) کان پاسو ڪريو.“

قال رسول الله ﷺ «(السَّلَامُ عَلَيْكُمْ دَارَ قَوْمٍ مُؤْمِنِينَ، وَإِنَّا إِنْ شَاءَ اللهُ بِكُمْ لَاحِقُونَ، وَدِدْتُ أَنَّا قَدْ رَأَيْنَا إِخْوَانَنَا)» قَالُوا: أَوَلَسْنَا إِخْوَانَكَ؟ قَالَ: «بَلْ أَنْتُمْ أَصْحَابِي، وَإِخْوَانُنَا الَّذِينَ لَمْ يَأْتُوا بَعْدُ» فَقَالُوا كَيْفَ تَعْرِفُ مَنْ لَمْ يَأْتِ بَعْدُ مِنْ أُمَّتِكَ؟ فَقَالَ: «أَرَأَيْتَ لَوْ أَنَّ رَجُلًا لَهُ خَيْلٌ غُرٌّ مُحَجَّلَةٌ بَيْنَ ظَهْرَيْ خَيْلٍ دُهْمٍ بُهْمٍ أَلَا يَعْرِفُ خَيْلَهُ؟) قَالُوا: بَلَى، قَالَ: (فَإِنَّهُمْ يَأْتُونَ غُرًّا مُحَجَّلِينَ مِنَ الْوُضُوءِ، وَأَنَا فَرَطُهُمْ عَلَى الْحَوْضِ، أَلَا لَيُذَادَنَّ رِجَالٌ عَنْ حَوْضِي كَمَا يُذَادُ الْبَعِيرُ الضَّالُّ، أُنَادِيهِمْ أَلَا هَلُمَّ فَيُقَالُ: إِنَّهُمْ قَدْ بَدَّلُوا بَعْدَكَ فَأَقُولُ: سُحْقًا سُحْقًا)».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”اي مؤمن قوم جي گھر وارؤ! اوهان تي سلام هجي، ۽ اسان به ان شاء الله اوهان سان اچي ملنداسين. منهنجي خواهش هئي ته اسان پنهنجن ڀائرن کي ڏسون ها.“ صحابه عرض ڪيو: ڇا اسان اوهان جا ڀائر نه آهيون؟ پاڻ ﷺ فرمايائون: ”بلڪ اوهين منهنجا اصحاب آهيو، ۽ اسان جا ڀائر اهي آهن جيڪي اڃا (دنيا ۾) نه آيا آهن.“ پوءِ انهن عرض ڪيو: اوهين پنهنجي امت مان انهن کي ڪيئن سڃاڻيندا جيڪي اڃا نه آيا آهن؟ پاڻ ﷺ فرمايائون: ”ڇا اوهين ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ چمڪندڙ پيشاني ۽ پيرن وارا گهوڙا هجن، جيڪي ڪارن گهوڙن جي وچ ۾ هجن، ته ڇا هو پنهنجن گهوڙن کي نه سڃاڻندو؟“ صحابه عرض ڪيو: ”ڇو نه.“ پاڻ ﷺ فرمايائون: ”پوءِ اهي (منهنجا امتي) وضوءَ جي ڪري چمڪندڙ چهرن ۽ عضون سان ايندا، ۽ مان انهن کان اڳ حوض (ڪوثر) تي هوندس. خبردار! ڪجهه ماڻهن کي منهنجي حوض تان ائين ڌڪيو ويندو جيئن گمراهه اٺ کي ڌڪيو ويندو آهي. مان انهن کي سڏيندس ته هتي اچو! پوءِ چيو ويندو: انهن اوهان کان پوءِ (دين کي) تبديل ڪري ڇڏيو هو. پوءِ مان چوندس: دور ٿيو، دور ٿيو.“

قال رسول الله ﷺ «لا تسبوا الأموات، فتؤذوا الأحياء».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”فوت ٿيلن کي گاريون نه ڏيو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان اوهين جيئرن کي تڪليف ڏيندا.“

قال رسول الله ﷺ «لَا يَتَمَنَّيَنَّ أَحَدٌ مِنْكُمُ الْمَوْتَ إِمَّا مُحْسِنًا فَلَعَلَّهُ أَنْ يَزْدَادَ خَيْرًا، وَإِمَّا مُسِيئًا فَلَعَلَّهُ أَنْ يَسْتَعْتِبَ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”اوهان مان ڪو به موت جي تمنا نه ڪري، ڇو ته جيڪڏهن هو نيڪوڪار آهي ته شايد هو پنهنجي نيڪين ۾ اضافو ڪري، ۽ جيڪڏهن هو گنهگار آهي ته شايد هو توبه ڪري.“

قال رسول الله ﷺ «مَا مِنْ مُسْلِمَيْنِ يَتَوَفَّى لَهُمَا ثَلَاثَةٌ مِنَ الْوَلَدِ لَمْ يَبْلُغُوا الْحِنْثَ إِلَّا أَدْخَلَهُمُ الله الجَنَّةَ بِفَضْلِ رَحْمَةِ الله إِيَّاهُمْ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”جن به ٻن مسلمانن جا ٽي ٻار بلوغت جي عمر کي پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وڃن ته الله تعاليٰ انهن (ٻارن) تي پنهنجي رحمت جي فضل سان انهن (والدين) کي جنت ۾ داخل ڪندو.“

قال رسول الله ﷺ «مَنْ عَادَ مَرِيضًا لَمْ يَزَلْ فِي خُرْفَةِ الجَنَّةِ حَتَّى يَرْجِعَ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”جيڪو ڪنهن بيمار جي عيادت ڪري ٿو، اهو واپس اچڻ تائين جنت جي ميون (جي باغ) ۾ رهي ٿو.“

قال رسول الله ﷺ «يَقُولُ اللهُ تَعَالَى: مَا لِعَبْدِي الْمُؤْمِنِ عِنْدِي جَزَاءٌ إِذَا قَبَضْتُ صَفِيَّهُ مِنْ أَهْلِ الدُّنْيَا ثُمَّ احْتَسَبَهُ إِلَّا الْجَنَّةُ».

رسول الله ﷺ فرمايو: ”الله تعاليٰ فرمائي ٿو: منهنجي مؤمن ٻانهي لاءِ مون وٽ جنت کانسواءِ ٻيو ڪو به اجر ناهي، جڏهن مان دنيا وارن مان سندس ڪنهن پياري کي کڻي وٺان ۽ هو ان تي صبر ڪري (۽ مون کان اجر جي اميد رکي).“