سندس ﷺ پاڪ نسب

سندس پاڪ نسب

پاڻ ﷺ محمد بن عبد الله بن عبد المطلب بن هاشم بن عبد مناف بن قصي بن كلاب بن مرة بن كعب بن لؤي بن غالب بن فهر بن مالك بن النضر بن كنانة بن خزيمة بن مدركة بن إلياس بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان، سندن نسب حضرت اسماعيل بن حضرت ابراهيم خليل الله عليهما الصلاة والسلام تائين پهچي ٿو.

سندن ﷺ نسب جي شرافت

پاڻ ﷺ فرمايائون: ”بيشڪ الله تعاليٰ حضرت اسماعيل جي اولاد مان ڪنانة کي چونڊيو، ۽ ڪنانة مان قريش کي چونڊيو، ۽ قريش مان بني هاشم کي چونڊيو، ۽ مون کي بني هاشم مان چونڊيو.“ — (رواه مسلم). ۽ پاڻ ﷺ فرمايائون: ”آءٌ محمد ﷺ بن عبد الله بن عبد المطلب آهيان. بيشڪ الله تعاليٰ مخلوق کي پيدا ڪيو ته مون کي بهترين مخلوق ۾ پيدا ڪيائين، پوءِ انهن جا ٻه گروهه ڪيائين ته مون کي بهترين گروهه ۾ رکيائين، پوءِ انهن جا قبيلا بڻايائين ته مون کي بهترين قبيلي ۾ رکيائين، پوءِ انهن جا گهراڻا بڻايائين ته مون کي انهن مان بهترين گهراڻي ۽ ذات ۾ پيدا ڪيائين.“ — (رواه الترمذي).

  • سندن والد: عبد الله بن عبد المطلب — سندن ﷺ ولادت کان اڳ وفات ڪيائون.
  • سندن والده: آمنه بنت وهب بن عبد مناف الزهرية — جڏهن پاڻ ﷺ ڇهن سالن جا هئا ته وفات ڪيائون.
  • سندن ڏاڏو: عبد المطلب شيبة الحمد — ٻن سالن تائين سندن پرورش ڪيائون، پوءِ وفات ڪيائون.
  • سندن چاچو: ابو طالب — سندن ڏاڏي کانپوءِ بعثت تائين ۽ ان کان پوءِ به سندن پرورش ڪيائون.
  • عربن ۾ سڀ کان وڌيڪ شريف نسب وارا؛ هاشم قريش مان، قريش مضر مان، ۽ مضر عدنان جي اولاد مان آهن.