سندن هجرت ﷺ
پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجن اصحابن ۽ مڪي ۾ موجود ٻين مسلمانن کي مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوءِ الله تعاليٰ کين نڪرڻ جي اجازت ڏني، پوءِ پاڻ حضرت ابوبڪر سان گڏ نڪتا ۽ ٻنهي غارِ ثور ۾ ٽي ڏينهن قيام ڪيو. پوءِ پنهنجي سفر دوران سندن گذر ام معبد جي خيمي وٽان ٿيو، پوءِ پاڻ سومر جي ڏينهن (12 ربيع الاول) تي قباء پهتا.
- جمعي جي رات (24 صفر) تي پاڻ سڳورن ﷺ جو مڪي مان نڪرڻ
- حضرت ابوبڪر رضي الله عنه سان گڏ غارِ ثور ۾ ٽي ڏينهن قيام
- سومر 12 ربيع الاول تي مديني ۾ داخل ٿيڻ
- حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر ۾ ست مهينا قيام
- مسجد قباء جي تعمير - اسلام جي پهرين مسجد
- مسجد نبوي شريف جي تعمير